ٿرڙي جادو شھيد

ٿرڙي جادو شھيد: هي قديم ڳوٺ تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادوءَ ۾ آهي. ھن ڳوٺ تائين ڪڪڙ کان پڪو رستو وڃي ٿو. جادو ڪلھوڙن جي دور ۾ بهادر شخص ٿي گذريو آهي، جيڪو ذات جو اوٺو يا قنبراڻي چون ٿا. هتي جادي جي رانڪ موجود آھي، جيڪا سادي ۽ دڙي تي، زميني سطح کان 8 فوٽ مٿي ٺاھي وئي آھي. اتر طرف رانڪ ۾ پھچڻ لاءِ ڏاڪڻيون ٺهيل آهن. عمارت چورس ٺھيل آھي. اندران ان کي جاري وانگر ڪنڊ- جوڙون ڏئي، اٺڪنڊو ڪيو ويو آھي. اٺڪنڊي ڳچ تي گول گنبذ ٺھيل آھي. رانڪ کي لنگهه اوڀر پاسي ڏنل آھي. ڀتين تي سينگار لاءِ ونگون ٺھيل آھن. اندران ماپ 360x370 س- ميٽر آھي. گنبذ جي پاڙ وٽان ڪانس نڪتل آھي. مقبرو پڪ سرو ۽ اڻ لتل آھي، جنهن جي مٿان روغن ٿيل آھي. ڀتين جي ٿولهه 3-2 فوٽ ٿيندي. اندر ٻه قبرون آھن، الھندي واري قبر جادي شھيد جي آھي. ڀتين جي ٽن پاسن کان ڪاٺ جون دريون ٺھيل آھن، گنبذ جي مٿان ڪلسو ٺھيل آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو